ڪراچي: بحريه ٽائون منصوبي ۽ زمينن تي قبضن خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڌرڻي ۽ احتجاج دوران پوليس پاران گرفتار ڪيل 120 ڪارڪنن کي هڪ مني بس، ڪوچ ۽ پوليس وين ۾ عدالت ۾ آندو ويو، اڪثر ڪارڪنن تي تشدد ٿيل هو، ڪجهه ڪارڪنن جي مٿن تي پٽيون ٻڌل هيون، ڪنهن جي ٻانهن ڀڳل ته وري ڪنهن جي ڄنگهه تي ڌڪ لڳل هئا، جنهن سبب اهي هلي نه پي سگهيا. گرفتار ڪارڪنن الزام هڻندي چيو ته اسان کي پوليس سڄي رات تشدد جو نشانو بڻايو آهي، پاڻي ۽ ماني به ناهي ڏني وئي. هوڏانهن وڪيل عصمه ابڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتار نوجوانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اسان عدالت ۾ درخواست ڏني آهي ته گرفتار ڪيل نوجوانن کي الڳ الڳ ڪمرن ۾ رکيو وڃي، هڪ هڪ ڪمري ۾ 40، 40 نوجوانن کي رکڻ سبب ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو خدشو آهي.