اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم بحريا ٽائون پاران ملير جي پراڻن ڳوٺن جي زمين تي والار خلاف ٿيل احتجاج کي ڪراچي تي لشڪرڪشي قرار ڏنو ، وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته ڪراچي تي لشڪرڪشي ڪئي وئي، اگر اهو عمل جاري رهيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن لوهي ديوار ٿي بيهندو، آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري ان واقعي جا ذميوار آهن، کين صوبي بدر ڪيو وڃي ۽ بحريا ٽائون ۾ جن جو به نقصان ٿيو آهي انهن جو ازالو ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي اساما قادري چيو ته بحريا ٽائون ڪراچي ۾ رهندڙن مٿان حملو ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جي اقبال محمد علي چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين بحريا ٽائون ۾ پنهنجو پيسو لڳايو، انهن سان دهشتگردي ڪئي وئي، پوليس ڏسندي رهي.