ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ اسيمبلي پوليس آرڊر ترميمي بل 2021ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، بحريا ٽائون ۾ ٿيل ڀڃ ڊاهه خلاف قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن جو احتجاج، سنڌ حڪومت خلاف نعرا، واڪ آئوٽ، اسپيڪر چيو آهي ته اپوزيشن وارا ڊرامي بازي ڪن ٿا. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ دعا جي وقفي دوران پيپلزپارٽي، متحده ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن پاران گهوٽڪي ۾ پيش آيل ٽرين حادثي جي فوتين لاءِ مغفرت جي دعا گهرائي وئي، مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ريل حادثي جي جاچ جو مطالبو ڪيو. حليم عادل شيخ شڪارپور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل اهلڪارن لاءِ مغفرت جي دعا ۽ ناقص بڪتربند گاڏيون خريد ڪندڙن خلاف بددعا گهرائڻ جي درخواست ڪئي. اجلاس ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اسان ايوان جي بزنس ايڊوائيزري ڪاميٽي جوڙڻ جي جو فيصلو ڪيو هو، بجيٽ اجلاس کان اڳ اها ڪاميٽي ٺاهڻ لاءِ سموريون پارٽيون نالا تجويز ڪن. اجلاس دوران متحده ايم پي اي محمد حسين ايوان ۾ ڳالهائڻ لاءِ اٿي بيٺو، هن بحريا ٽائون ۾ قومپرست تنظيمن جي احتجاج دوران ٿيل ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي ساڙڻ خلاف قرارداد پيش ڪرڻ چاهي پر اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته مون کي ايجنڊا مڪمل ڪرڻ ڏيو، آخر ۾ توهان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندس. اسپيڪر جي روڪڻ ۽ مائيڪ بند هجڻ باوجود محمد حسين پنهنجو ٺهراءُ پڙهيو. انهي دوران اسپيڪر سوالن جو وقفو شروع ڪرڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي، متحده ميمبر ايوان ۾ اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ بحريا ٽائون ۾ پيش آيل واقعي خلاف ٺهراءُ پيش ڪندو رهيو، جڏهن ته جهنگلي جيوت کاتي جو پارلياماني سيڪريٽري طارق علي سوالن جا جواب ڏيندو رهيو. اسپيڪر محمد حسين کي چيو ته توهان جو هي روز جو ڊرامو آهي. ان دوران مخالف ڌر ۽ اسپيڪر وچ ۾ منهن ماري ٿي، پي ٽي آءِ ۽ متحده ميمبر اسپيڪر جي روسٽرم آڏو اچي ويا ۽ سخت احتجاج ڪيو، مخالف ڌر پاران ايوان ۾ پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ويا، بعد ۾ اهي واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا. پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن جي غيرموجودگي ۾ پارلياماني معاملن بابت صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا پوليس ايڪٽ 1861ع کي ختم ڪري پوليس آرڊر 2002ع جي بحالي وارو ترميمي بل 2021ع ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت سان پاس ڪيو. مڪيش چاولا چيو ته پوليس اهلڪار امن لاءِ قربانيون ڏيندا آهن، شهيد اهلڪارن جي ڀاتين جي بهتر ڪفالت ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته هن بل بعد ڊيوٽي دوران معذور ٿيندڙ اهلڪارن کي سموريون مراعتون ملنديون، شهيدن جي گھرڀاتين کي تعليمي قابليت جي بنياد تي نوڪري ملندي. هن چيو ته مخالف ڌر جيڪو ماحول پيدا ڪيو، ان تي افسوس آهي، جڏهن محترمه جي شهادت ٿي هئي ته آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، پيپلزپارٽي سدائين وفاق سان گڏ بيٺل آهي، جيڪي سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن سان نبرنداسين، سنڌ اسان جي ماءَ آهي، پاڪستان آهي ته اسان به آهيون،. شميم ممتاز چيو ته اردو ڳالهائيندڙن کي لسانيت جي نالي تي جڪڙيو ويو هو، اڄ ڪراچي وارن انهن کي رد ڪري ڇڏيو، اڄ هنن جو نه رهبر آهي ۽ نه منزل آهي. ڄام شبير چيو ته ڏڦيڙ واريون ڳالهيون ڪري ماڻهن ۾ نفرت پکيڙي پئي وڃي، وفاق سنڌ جو پاڻي ڪيئن روڪي رهيو آهي؟ اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ناهي، ايوان ۾ هلندڙ مالي سال جي بجيٽ 2020-021 جي ٽه ماهي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو