ڪراچي: بحريا ٽائون ڌرڻي دوران گرفتار ڪيل قومپرست ڪارڪنن کان پڇاڳا لاءِ پوليس جون 12 ٽيمون جوڙيون ويون، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جاچ ملير طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين ٽيم جو سربراهه ايس آءِ او بن قاسم سلطان قريشي هوندو، ٻي ٽيم ايس آءِ او اسٽيل ٽائون نفيس الرحمان، ٽئين ٽيم ايس آءِ او لطيف ٽائون مجتبيٰ باجوه، چوٿين ٽيم ايس آءِ او سکن محبوب علي، پنجين ٽيم ايس آءِ او ابراهيم حيدري منظور کوسو، ڇهين ٽيم ايس آءِ او قائدآباد ذاڪرالله، ستين ٽيم ايس آءِ او شرافي ڳوٺ اڪبر غوري، اٺين ٽيم ايس آءِ او ملير سٽي ظاهر شاهه، نائين ٽيم ايس آءِ او ملير ڪينٽ ارشد جٽ، ڏهين ٽيم ايس آءِ او ايئرپورٽ ممتاز حسين، يارهين ٽيم ايس آءِ او ميمڻ ڳوٺ ذوالفقار شر ۽ ٻارهين ٽيم ايس آءِ او گڏاپ ظهير راڄپر جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي. هر ٽيم ۾ ايس آءِ او کانسواءِ 4 ميمبر شامل هوندا