ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته بحريا ٽائون ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، اهڙا واقعا اڳ ۾ به پيش آيا آهن، وڪلين کي ساڙي ماريو ويو، ان واقعي ۾ به اهڙو ڪيميڪل استعمال ڪيو ويو، بحريا ٽائون جو واقعو سنڌ ۾ مهاجر سنڌي لساني فساد پکيڙڻ جي سازش آهي، ڪالهه روڊ تي احتجاج ڪندڙ هڪڙا ۽ اندر ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ٻيا هئا، هي ڊرامو بحريا ٽائون جي اصل مالڪن ڪرايو، منهنجي ڪتاب ۾ بحريا ٽائون جو اصل مالڪ زرداري آهي، بحريا ٽائون جا متاثر هن ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ناهن، فيضو گبول ۽ ٻيا ڏهن سالن کان جدوجهد ڪن پيا پر انهن ڪنهن کي لٺ به ناهي هنئي. هن چيو ته اسٽيج تي به ڪجهه ماڻهو اهڙا هئا، جن جو ماضيءَ داغدار آهي، ملڪ رياض رائو انوار جي مدد سان زمينن تي غيرقانوني قبضا ڪيا، سندن پويان پيپلزپارٽي آهي، سپريم ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪريون ته هن واقعي جي ججن کان جاچ ڪرائي وڃي، هن چيو ته پڪي جي ڌاڙيلن ڀڃ ڊاهه ڪري ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، هن چيو ته بحريا ٽائون ۾ 70 سيڪڙو سنڌي رهن ٿا، هتي فليٽ خريد ڪري ويٺلن کي ڀڄائڻ ۽ 480 ارب رپيا ڦٻائڻ جي سازش ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي رينجرز ۽ فوج نه پر رائو انوار جهڙي پوليس کپي. هن چيو ته بحريا ٽائون واقعي کانپوءِ مرادعلي شاھ کي استعيفا ڏيڻ گهرجي.