ملير (رپورٽ: ناز شر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيءَ جي گهر تي رات دير سان پوليس ۽ رينجرز اٽالن جي چڙهائي، جسقم چيئرمين گرفتاري بعد نامعلوم هنڌ منتقل. جسقم پاران اڱاري تي (اڄ) سڄي سنڌ ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان. خبر موجب سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي بحريا ٽائون جي مين گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻي بعد پيدا ٿيل صورتحال ۽ ڀڃ ڊاهه بعد گذريل رات دير سان پوليس ۽ رينجرز جي وڏن اٽالن گلشن حديد ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گهر تي چڙهائي ڪئي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اٽالن پاران چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪندي، گهر جي تلاشي وٺڻ بعد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري سندس لائسنس وارا هٿيار کڻڻ بعد کيس نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. جسقم جي مرڪزي ترجمان ديدار شام رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ موبائلن ۾ سوار پوليس ۽ رينجرز اهلڪار چيئرمين هائوس کي چئني طرفن کان ڪڙو چاڙهي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪندي، گهر جي تلاشي وٺڻ بعد صنعان خان قريشيءَ کي گرفتار ڪري سندس لائسنس وارا هٿيار پڻ کڻي ويا. جڏهن ته ڪنهن به ٿاڻي تي سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي. ترجمان موجب گذريل ڏينهن بحريا ٽائون جي مين گيٽ اڳيان مبينا طور باهه ۽ ڀڃ ڊاهه جا واقعا پرامن احتجاج کي ناڪام بنائڻ جي سازش هئي، اهڙي عمل سان جسقم يا سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو ڪو به تعلق نه آهي. هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي جنرل سيڪريٽري امجد مهيسر ۽ مرڪزي اڳواڻن سرور خشڪ، ديدار شام، اطهر سومرو، آصف مگسي، عزيز شيخ، اشرف ڪلهوڙو ۽ ياور مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته رات جي اونداهيءَ ۾ شهيد بشير خان جي گهر تي رينجرز، پوليس ۽ سول ڪپڙا پهريل اهلڪارن چادر۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. جسقم چيئرمين جي گهر تي چڙهائي ۽ گرفتاري خلاف سموري سنڌ ۾ غم ۽ ڪاوڙ آهي.صنعان خان کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو آهي، اڳواڻن چيو ته صنعان خان کي فوري طور تي ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيو ته صنعان خان ڪروڙين سنڌين جي دل آهي، امن پسنديءَ کي ڪمزوري نه سمجهي وڃي، پ پ سرڪار دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي پر ڌرتي ڌڻين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ خلاف ڪاروايون ڪري رهي آهي. جسقم اڳواڻن جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون انتظاميا پاڻ باهيون ڏياري صنعان خان قريشي سميت سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، اسين اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. جسقم پاران سڀاڻي (اڄ) سموري سنڌ ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي. سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته صنعان خان جي گرفتاري خلاف پرامن هڙتال کي ڪامياب بڻائين. سنڌ جي سمورين قوم پرست پارٽين کي اپيل آهي ته جسقم پاران اعلانيل پرامن هڙتال جي حمايت ڪن. هنن چيو ته صنعان خان قريشي کي ظاهر نه ڪيو ويو ته سڀاڻي واري هڙتال کانپوءِ سموري سنڌ جي روڊن تي جسقم پاران ڌرڻا هنيا ويندا. ٻئي پاسي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران بحريا ٽائون خلاف احتجاجي ڌرڻي دوران ڀڃ ڊاهه، گاڏين ۽ مک گيٽ کي باهه لڳڻ واري واقعي جا 3 ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ گڏاپ ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آهن. ايس ايچ او گڏاپ انسپيڪٽر اشرف جان جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر نمبر 257/2021 داخل ڪرائي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين قومپرست تنظيمن پاران بحريا ٽائون جي مک گيٽ تي ڌرڻي ۽ جلسي دوران حڪومت پاڪستان خلاف ۽ پاڪستان جي سالميت خلاف ”پاڪستان نه کپي“ ۽ نعرا هڻي ڪارڪنن کي مشتعل ڪندا رهيا. ان کان سواءِ ٻي ايف آءِ آر ايس ايچ او گڏاپ اشرف جان جي مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي جنهن ۾ 353، 186، 324، 435، 436،427،337 اي 7 اي ٽي اي جا قلم شامل ڪيا ويا، جنهن ۾ ڄاڻايو ويوته ڄاڻايل پارٽين جي اڳواڻن سميت 10 هزارماڻهن ڪنٽينرن سان گڏ خاردار تارن کي ڪٽي بحريا ٽائون جي مک گيٽ کي باهه ڏني. ڪجهه ماڻهن پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا، ٽن پوليس موبائلن کي نقصان پهتوڊيوٽي تي موجود پرويز بنگش کي قتل جي نيت سان هيٺ ڪيرايو ويو ۽ بحريا ٽائون ۾ مختلف هنڌن تان ڦرمار ڪئي. پوليس جي مدد سان 120 گرفتاريون ڪيون ويون جن ۾ ظفر علي سهتو، عاقب علي، قائم علي شاهه، عابد علي، مهر علي، گل محمد، خليل الله، وحيد احمد، نوشاد علي، عرفان علي، ڪريم بخش، غلام مصطفي، صابر علي، نصرالله، نظر محمد، عبدالستار، نويد علي، جواد احمد، محمد يونس، رميز حسين، اطهر علي، غلام صابر، خليل احمد، طارق، ابرار علي، زوهيب ابڙو، عبدالسلام، عبدالجبار مڱريو، وقار حسين، ثناءُ الله، محمد رمضان، علي اڪبر، حماد الله، عادل حسين، صاحب خان، هالار حسين، غلام مصطفي، صدام حسين، عبدالحڪيم، محمدعباس، آفتاب حسين، محمد اشرف، محمد صالح، فهد حيدر عباسي، جان محمد، جاني، راجا، مٺو، محمد رضوان، ارشاد، صدام دانش، غلام سرور، عبدالڪريم، وزير علي، غلام شبير،تاج محمد، تنوير عباس، محمدسومار، واگو، نعيم علي، معشوق، محمد عمر، غلام حيدر، سلمان علي، مڪيش ڪمار، قيوم، محمد منصور، محمد اسحاق، محمد يونس، بورو، عبدالسلام، عامر شير، عبدالرحمان، ابوبڪر، محمد امين، منظرعلي، واحد علي ۽ ٻيا شامل آهن. ٻئي طرف بحريا ٽائون انتظاميا پاران سڪيورٽي مئنيجر سيد اساما غضنفر علي جي مدعيت ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مک اڳواڻن ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد جلال محمود شاهه، صنعان خان قريشي، رياض چانڊيو، زين شاهه سميت 10 هزار ماڻهن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهن، ايف آئي آر ۾ قلم 365، 397، 435، 436، 427 سميت دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر قادر مگسي، جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو، صنعان قريشي، زين شاهه، گل حسن ڪلمتي، داد ڪريم بلوچ، مراد گبول، جهانزيب ڪلمتي، جهانزيب جوکيو، يعقوب خاصخيلي 500 کان وڌيڪ مشتعل ماڻهن کي وٺي بحريا ٽائون ۾ اندر داخل ٿيا جتي انهن توحيد اسڪوائر جي ڪمرشل ايريا ۾ پيزا هٽ، برگر ڪنگمن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ باهه لڳائيندڙ مادو اڇلايو، ان کان سواءِ مڇريل ماڻهن رين وال ايريا ۾ ٻن اي ٽي ايم مشينن کي ٽوڙي رقم جي ڦرلٽ ڪئي ۽ علي پلازا کي باهه سان گڏ پنج ريسٽورينٽ پڻ ساڙي رک ڪري ڇڏيا. ٻئي پاسي جاچ پوليس گرفتار ڪيل 120 ڪارڪنن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي منتظم جج وٽ پيش ڪيو، عدالت پاران ملزمن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ملزمن جي وڪيل پاران آگاهي ڏني وئي ته هڪ ننڍي ڪمري۾ 40 کان وڌيڪ ملزمن کي رکيو ويو آهي جيڪا ناانصافي آهي جڏهن ته پوليس جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت ڪجهه گرفتار ماڻهن کي عدالت آڏو پيش ناهي ڪيو، ان موقعي تي عدالت پاران زخمي ٿيل ڪارڪنن جي مرهم پٽيءَ جو حڪم ڏيندي ٻن ڏينهن لاءِ جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
حيدرآباد( رپورٽ: فيض کوسو) بحريا ٽائون آڏو سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڌرڻي دوران ڀڃ ڊاهه ۽ باهين واري واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سميت سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جي گرفتاري جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. ڊاڪٽر قادر مگسي جي امڪاني گرفتاري لاءِ گذريل ڏينهن پوليس اٽالا طلب ڪري علمدار چوڪ تي بيهاريا ويا جڏهن ته ڪجهه پوليس موبائيلون ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر وٽ به بيهاري پوليس فورس مقرر ڪئي وئي. ڊاڪٽر قادر مگسي پريس ڪانفرنس لاءِ پريس ڪلب ۾ به بڪنگ ڪرائي هئي جتي پڻ پوليس اٽالا بيهاريا ويا جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر قادر مگسي اها پريس ڪانفرنس ملتوي ڪري ايس ٽي پي هائوس تي ڪئي. پريس ڪانفرنس کانپوءِ ايس ٽي پي سربراهه پارٽي جي ڪارڪنن جي ريلي ۾ ايس ٽي پي هائوس کان پنهنجي گهر اسٽيٽ لائيف ڪالوني پهتو جتي وڏي تعداد ۾ ڪارڪن ۽ پارٽي اڳواڻ رات دير تائين موجود رهيا. پوليس اٽالن جي سربراهي ايس پي سٽي علينه راڄپر ۽ ايس پي ڪينٽ اياز حسين ڪري رهيا هئا. پوليس موبائيلن سان گڏ مختلف سب ڊويزنن جا ڊي ايس پيز ۽ ڪيترن ئي ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز، آر آر ايف جا اهلڪار، ڪمانڊوز ۽ قيدين کي کڻي ويندڙ پوليس جون گاڏيون پڻ موجود هيون. اڪثر پوليس اهلڪارن جي هٿن ۾ ڏنڊا پڻ کنيل هئا جڏهن ته ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪيٽون به پاتل هيون. پوليس جي قيادت ڪندڙ آفيسرن جو چوڻ هو ته کين امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي جي گرفتاري جون کين ڪي به هدايتون نه مليون آهن ان ڪري ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران علمدار چوڪ تي موجود آهن. هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ هو ته عملي طور آئون گرفتار آهيان، پوليس جي چرپر مان لڳي ٿو ته مون کي نظربند ڪيو ويو آهي، جيڏي مهل به پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ آئي ته پنهنجي گرفتاري پيش ڪري ڇڏيندس. ان کان اڳ ايس ٽي پي اڳواڻن ڊاڪٽر حميد ميمڻ، حيدر شاهاڻي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ڊاڪٽر قادر مگسي واضح ڪيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي بجيٽ اجلاس دوران سنڌ اسيمبلي جو هر حالت ۾ گهيراءُ ڪندي ۽ 9 تاريخ تي سنڌ جي وستي واهڻ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. هن چيو ته بحريا ٽائون خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج پر امن هو ۽ جن ماڻهن ڀڃ ڊاهه ڪئي اهي اڳ ئي بحريا ٽائون ۾ موجود هئا. هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو ڌرڻو بحريا ٽائون کان ٻاهر هو جڏهن ته بحريا ٽائون ۾ ماڻهن جي داخلا کي روڪڻ لاءِ ڪنٽينر رکي 5 ڊي آءِ جيز جي سربراهي ۾ 5 ايس ايس پيز سميت پوليس جي وڏي فورس به بيهاري وئي ته پوءِ بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئين ٿي ۽ بحريا ٽائون جي مک گيٽ کي باهه ڪئين لڳي؟ پوليس شرپسندن کي ڇو نه روڪيو؟ هن چيو ته بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه جو پهريون واقعو 2 بجي ٿيو ۽ لاڳيتو ساڍي 4 بجي تائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جا واقعا ٿيندا رهيا. جڏهن منهنجي تقرير جو وارو آيو ته ڳوڙها آڻيندڙ گئس ڇو ڇڏي وئي؟ بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي واقعن جي مون سميت ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ته ڪيس داخل ڪيا ويا آهن پر اتي سيڪيورٽي لاءِ موجود پوليس آفيسرن کي معطل ڪري سندن خلاف جاچ شروع ڇو نه ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته ايتري وڏي تعداد ۾ پوليس بيهاري ئي ان ڪري وئي هئي ته جيئن امن امان جي صورتحال برقرار رهي. هن چيو ته بحريا ٽائون جي جنهن لوهي گيٽ کي باهه ڏني وئي اها عام باهه نه هئي پر ان باهه ۾ اهو ڪيميڪل استعمال ٿيو جيڪو بلديا فيڪٽري کي ساڙڻ، موتن داس مارڪيٽ کي ساڙڻ، شپنگ ڪارپوريشن کي باهه ڏيڻ، سنڌ جي روينيو رڪارڊ کي ساڙي تباهه ڪرڻ ۽ وڪيلن کي ساڙڻ وارن واقعن ۾ استعمال ٿيو هو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي ته ايتري قدر پرامن هئي جو هو احتجاج ۾ شرڪت لاءِ پنهنجن ٻارن ۽ فيميلز کي به گڏ وٺي وئي ته پوءِ آخر اهو ڪيميڪل آيو ڪٿان جنهن جي باهه جو ڏيک ”نائين اليون“ واري واقعي دوران جاڙن ٽاورن جي تباهي دوران نظر آيو. ڊاڪٽر قادر مگسي سوال اٿاريو ته بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهه جي واقعي سان فائدو ڪنهن کي رسيو آهي؟ هن چيو ته اهو فائدو ملڪ رياض کي پهتو ۽ ان واقعي جي نتيجي ۾ هاڻي ايم ڪيو ايم به ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ سنڌ واسين کي ڪچي جا ڌاڙيل ڪري سڏيو ٿو وڃي. اسين ان عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا. بحريا ٽائون واقعي ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪدم ڳالهائڻ سان ان ڳالهه جون پاڻ ۾ ڪڙيون ملن ٿيون ته اهو واقعو ڄاڻي ٻجهي خاص منصوبابندي سان ڪرايو ويو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد آصف علي زرداري کان پڇي ڏسي ته هن کي ڪنڌ مٿي ڪري جيل ڪاٽڻ ڪنهن سيکاري هئي؟ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته حڪومت بحريا ٽائون جي حوالي سان اهو موقف اختيار ڪري رهي آهي ته ڌرڻو هڻندڙ ايڪشن ڪميٽي حفاظت جا انتظام ڪري ها. ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته احتجاج ڪندڙ ماڻهو حفاظت جو بندوبست ڪن؟ ايئن آهي ته پوءِ پوليس فورس ڇا جي پگهار کڻي ٿي؟. آصف زرداري ٻڌائي ته محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊي ۾ شهيد ٿي ۽ سنڌ ۾ ٽن ڏينهن تائين باهيون لڳل رهيون تڏهن حفاظتي قدم ڇو نه کنيا ويا؟ هن چيو ته انهن واقعن جي ايف آءِ آر آصف زرداري خلاف داخل ٿيڻ گهرجي ها؟ 18هين آڪٽوبر واري واقعي ۾ پيپلزپارٽي حفاظتي قدم ڇو نه کنيا جو بم ڦاٽڻ سبب سوين ماڻهو شهيد ٿي ويا. پوءِ ان واقعي جي ايف آءِ آر به ان جماعت جي اڳواڻن خلاف ڪٽجڻ گهرجي ها؟ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته بحريا ٽائون جون سنڌ ۾ اسڪيمون ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا منصوبا آهن. انهن منصوبن خلاف سنڌ واسي خاموش نه ويهندا ۽ 9 جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي بجيٽ اجلاس دوران به سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪندي ۽ جيئن ئي اسميبلي جو اجلاس گهرايو ويندو تيئن ئي گهيراءُ جو اعلان ڪيو ويندو. هن مطالبو ڪيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، جن ماڻهن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن تن کي به آزاد ڪيو وڃي ۽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خلاف داخل ايف آءِ آر کي ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪيو وڃي.