عامر خان کانپوءِ ورينه حسين به سوشل ميڊيا ڇڏي ڏني

0
1058

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار عامر خان کانپوءِ اداڪارا ورينه حسين به سوشل ميڊيا ڇڏي ڏني آهي. ڪجھه ڏينهن اڳ عامر خان موبائل فون جي استعمال۽ سوشل ميڊيا ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان جو سبب موبائل فون جي ڪري ڪم تي ڌيان نه ڏيڻ قرار ڏنو هو. هاڻي نوجوان اداڪارا ورينه حسين به سوشل ميڊيا ڇڏي ڏني آهي، پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ هن لکيو ته ڪٿي پڙهيو هئم ته وڃڻ جي خبر جو اعلان نه ڪرڻ گھرجي ڇو جو هي ايئرپورٽ ناهي، پر آئون ائين پنهنجي دوستن ۽ مداحن لاءِ ڪري رهي آهيان. ورينه لکي ته هي منهنجي آخري سوشل ميڊيا پوسٽ آهي پر منهنجي ٽيم سوشل ميڊيا اڪائونٽ هلائيندي ته جيئن منهنجي پروجيڪٽس جي حوالي سان توهان کي آگاهي ملندي رهي. ياد رهي ته ورينه حسين پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 2018ع کان فلم “لو يا تري” سان ڪئي هئي.