ڪنهن کي به مدد گھرجي، مون کي ميسيج ڪري: ڀارتي اداڪار ريا چڪرابورتي

0
471

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ريا چڪرابورتي ڪورونا جي سنگين صورتحال ۾ پنهنجي عوام جي مدد جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پنهنجي مداحن جي مدد لاءِ هوءَ سندن ميسيج رسيو ڪري سندن مدد ڪندي. هن پنهنجي هڪ پيغام ۾ لکيو آهي ته ڪنهن کي به مدد گھرجي، مون کي ميسيج ڪري، آئون سندن مدد ڪنديس. اداڪار سشانت سنگهه جي خودڪشي کانپوءِ اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ڊائريڪٽ ميسيجز ۽ ڪمينٽس جو آپشن بند ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي هن ان آپشن کي کولي ڇڏيو آهي.