پيپلز پارٽي طرفان ملڪ ۾ مهانگائي جي ذميوار پي ٽي آءِ حڪومت قرار

0
256

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پيپلز پارٽي طرفان ملڪ ۾ مهانگائي جي ذميوار پي ٽي آءِ حڪومت قرار، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عمران خان صاحب! ملڪ ۾ مهانگائي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي، ڇا هاڻي اسان ٿورو گهٻرايون؟ دنيا جا حڪمران عوام جي فائدي جو سوچيندا آهن، پر عمران خان رڳو چندو وٺڻ لاءِ نوَن طريقن تي غور ڪندو آهي، وزيراعظم صاحب! لنگر خانه کولڻ سان غربت ختم نه ٿيندي، توهان کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو.