اسلام آباد (۾ ڊ) ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 80 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بينڪ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قرض مان 2 سالن دوران 2 پروگرام شروع ڪيا ويندا. هڪ پروگرام سستي ۽ ڪلين توانائي بابت هوندو. ان پروگرام جي تحت 40 ڪروڙ ڊالرن مان سستي ۽ شفاف توانائي مهيا ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پروگرام مان بجلي جي پيداواري لاڳت ۾  گهٽتائي، ٽيرف تي سبسڊي ۽ ورهاست وارو پروگرام بهتر ڪيو ويندو. جڏهن ته 40 ڪروڙ ڊالرز انساني وسيلن  ۾ سرمائيڪاري ڪري وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ هوندا. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي پروگرام مان صحت، تعليم جي شعبي ۾ بهتري تي ڪم ڪيو ويندو. پروگرام مان غريب طبقي لاءِ آمدني جا ذريعا بهتر ڪرڻ تي به ڪم ڪيو ويندو.