اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن کي شڪست، مخالف ڌر اڳواڻ سوڌو 25 ميمبر نه آيا، حڪومت وفاقي پنهنجي ترميمن واري بجيٽ اڪثريت سان منظور ڪرائي ورتي، اپوزيشن جون سموريون ترميمون به رد ڪيون ويون. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت ٻين مخالف ڌر ميمبرن شرڪت ڪئي پر مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ ناڻي واري وزير شوڪت ترين فنانس ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو، فناس بل جي منظوري خاطر فوري طور تي زير غور آڻڻ لاءِ ايوان ۾ وائيس ووٽنگ ڪرائي وئي ته مخالف ڌر جي بينچن مان حڪومتي ڌر جي بينچن کان وڌيڪ آواز آيو، ان وقت اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ٻيهر وائيس ووٽنگ ڪرائي ته ٻيهر به حڪومتي ڌر جي ميمبرن کان مخالف ڌر جي بينچن کان وڌيڪ آواز گونجي اٿيو، ان باوجود ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري حڪومتي ڌر مان وڌيڪ آواز جي رولنگ ڏني ته مخالف ڌر فيصلي کي چيلنج ڪندي ووٽنگ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. جنهن کانپوءِ فنانس بل پيش ڪرڻ واري تحريڪ پيش ڪئي وئي، جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، تحريڪ جي حق ۾ 172 ۽ مخالفت ۾ 138 ووٽ پيا، ووٽنگ وقت اپوزيشن پارٽين جا 163 مان 138 ميمبرن شرڪت ڪئي، 25 ميمبر غير حاضر رهيا، بجيٽ کي منظور ٿيڻ نه ڏيڻ جواعلان ڪندڙ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سميت نواز ليگ جا 22 ميمبر ايوان مان غيرحاضر رهيا، غير حاضر رهندڙن ۾ پ پ جا 2 ميمبر ۽ بي اين پي مينگل جو سربراهه اختر مينگل به شامل آهي. جنهن کانپوءِ فنانس بل جي شق وار منظور ڏني وئي، فنانس بل ۾ ناڻي وزير پاران مختلف ترميمون پيش ڪيون ويون، جن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر 30 ترميمون پيش ٿيون، جن مان 29 ترميمن کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو، رڳو ميمبرن کي پي آءِ اي جون 25 ٽڪيٽن بدران ووچر ڏيڻ واري نواز ليگ جي ترميم منظور ٿي وئي. پوڻا 85 کرب رپين جي منظور ڪيل بجيٽ تحت امپورٽيڊ موبائيل، کنڊ، سگريٽ، ميڪ اپ، شيمپو، پروفيوم مهانگا ٿيندا، جڏهن ته 5 منٽن کان وڌيڪ موبائيل فون ڪال تي 75 پيسا ٽيڪس لڳندي، ناڻي وزير شوڪت ترين پاران ڪالهه فنانس بل ۾ ترميم تجويز ڪري ايف بي آر کي ٽيڪس نه ڏيندڙن جي گرفتاري جا اختيار ختم ڪري اهي اختيار ناڻي وزير جي سربراهي ۾ ڪاميٽي کي ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ڪاميٽي ۾ چيئرمين ايف بي آر، سينيئر ميمبر ايف بي آر به شامل هوندو، جنهن تحت ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندر جيڪڏهن ڪو شخص 10 ڪروڙ تائين جي ٽيڪس چوري ڪري ته ان کي گرفتار ڪري سگهبو، جڏهن ته نان فائلر اڍائي ڪروڙن کان وڌيڪ ٽيڪس چوري ڪري ته ان کي گرفتار ڪري سگهبو، اهڙين گرفتارين جو فيصلو ناڻي وزير جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ڪندي، ترميمن بعد ڪالهه منظور ٿيل بجيٽ تحت پوليٽري فيڊ تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 800 سي سي گاڏي کان 100 سي سي گاڏي تائين ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ رعايت وڌائي وئي آهي،خام ڪپهه ۽ ڪينولا گيهه تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو، سويا بين ٻڄ تي به ٽيڪس 10 سيڪڙو کان وڌائي 17 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. سرڪاري ملازمن جي پروويڊنٽ فنڊ، ميڊيڪل بلن تي اعلانيل ٽيڪس حڪومت ترميم ڪري واپس وٺي ڇڏي، جڏهن ته کير ۽ عام واهپي جي شين تي ٽيڪس شرح 10 سيڪڙو کان وڌائي 17 سيڪڙو ڪرڻ واري تجويز، کير تي لڳل ٽيڪس تجويز کي به واپس ورتو ويو آهي، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ تي ٽيڪس لاڳو ڪيل تجويز به واپس ورتي وئي آهي، منظور ڪيل بجيٽ تحت امپورٽيڊ موبائيل، کنڊ، سگريٽ، ميڪ اپ، شيمپو، پرفيوم، ٽائر مهانگا ٿيندا، ايف بي آر کي 5 هزار 829 ارب رپين جي ٽيڪس وصولين جو هدف ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته 74 سالن ۾ پهريون ڀيرو هن حڪومت غريبن جي لاءِ روڊ ميپ ڏنو، 40 لک غريب ماڻهن کي گهر ملندا، صحت ڪارڊ ملندا ۽ سهولتون ملنديون، ڪور انفليشن اڃا به 7 سيڪڙو آهي پر فوڊ انفليشن ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي رڳو زراعت جي ترقي سان ممڪن آهي. شوڪت ترين چيو ته توهان جيڪو خسارو ڇڏي ويا هئا، ان جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هيٺين سطح تي خوشحالي ٿيندي، اسان جو مقصد ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ ناهي، توهان سياست نه ڪريو، ميرٽ تي ڳالهيون ڪريو ۽ منهنجي مٿان ميرٽ تي تنقيد ڪريو، آئون ٺيڪ ڪندس. هن چيو ته ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي فهرست آهي، اسان وٽ جيڪي ڄاڻي واڻي ٽيڪس ادا نٿا ڪن، ڄاڻي واڻي ٽيڪس ادا نه ڪندڙن کي گرفتار ڪنداسين.