صحافي ڪهڙي عوام لاءِ لکي؟ … عابد خاصخيلي

0
222

ان عوام لاءِ لکي جيڪو پنهنجي ڳوٺ يا پاڙي ۾ موجود اسڪول جو چڪر لڳائڻ لاءِ تيار ناهي ته ماستر اچي ٿو يا نه، ٻارن کي پڙهائي پيو يا نه؟

ان عوام لاءِ لکي جيڪو امتحاني پيپر ڏيڻ ويندڙ پنهنجي اولاد سان گڏ ٻه ٽي ڪاپي ڪرائڻ وارا به سينٽر تي موڪليندي هجي.

ان عوام لاءِ لکي جيڪو پنهنجي اولاد کي ڳري رشوت ڀري A-1 گريڊ ڏياري فخر محسوس ڪندي ٻارن جي محنت ڪري اڳتي وڌڻ واري جذبي کي هميشه لاءِ ختم ڪري ٿو ڇڏي.

ان عوام لاءِ لکي جيڪو پنهنجي واڙي ۽ گهر ۾ پاليل جانور جو کير ڏُهي پاڻي ملائي کير واري کي ٿو ڏئي ۽‌کير وارو وري ان ۾ ڪيميڪل ۽ وڌيڪ پاڻي ملائي اڳتي وڪرو ڪري.

ان عوام لاءِ لکي  جيڪو منشيات خريد ڪرڻ لاءِ ته تيار آهي پر ان خلاف گڏ ٿي احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ان عوام لاءِ لکي جيڪو پنهنجي ڪمري مان ڪچرو ڪڍي پنهنجي گهر اڳيان ٿو اڇلي، جيڪو پنهنجي گهر جي آڳر کي صاف رکڻ لاءِ تيار ناهي.

ان عوام لاءِ لکي جيڪو لائن ۾ بيهڻ لاءِ تيار ناهي ۽ پنجاهه – سئو رشوت ڏئي پنهنجو نمبر اڳ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ هجي.

ان عوام لاءِ لکي جيڪو ڪاليج، يونيورسٽي، اسپتال يا ويران روڊن مٿان وڻڪاري جو مطالبو ڪرڻ بجاءِ چونڊيل نمائندي سان سيلفي ٺاهي اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ته سندس ڪيڏا وڏا واسطا آهن.

ياد رکو! صحافي به  انهي ئي معاشري جو فرد آهي، اتي ئي ڄائو، پليو ۽ وڏو ٿيو آهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)