زندگي کسڻ بدران زندگي ڏيندڙ ڪارتوس … فيصل رضا

0
136

 پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪرڻ لاءِ توهان پاڻ وٽ بندوقون ته ضرور رکندا آهيو ۽ انهن بندوقن مان فائر ڪرڻ لاءِ ڪارتوس به جام خريد ڪندا آهيو. توهان جي شوق جي پورائي ڪرڻ لاءِ هاڻي هي نوان ڪارتوس به مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن، آئينده ڪوشش ڪري پاڻ سان گڏ اهي ئي ڪارتوس کڻندا ڪريو. هنن ڪارتوسن ۾ جيوت جي زندگي کسڻ وارن ڌاتو گولين بجاءِ گلن ٻوٽن جا ٻج ڀريل آهن. بس جتي به مناسب خالي زمين توهان کي نظر اچي ان جو نشانو وٺي هڪڙو ڪارتوس فائر ڪري ڇڏيو. توهان جو شوق به پورو ٿي ويندو. ۽ ڌرتي تي جيوت جو وجود به محفوظ ٿي ويندو. زندگي کسڻ بجاءِ زندگي پوکيو ۽ زندگي اُپايو..(فيس بوڪ وال تان ورتل)