سوال/سروي … عمران پاران اسيمبلين مان استعيفائن جو اعلان: يوٽرن وٺندو يا چونڊون ٿينديون: عوام جي راءِ ورهايل

0
161

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان پاران سمورين اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ اسلام آباد ڏانهن مارچ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عمران جي اهڙي اعلان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي ڪجهه ماڻهن چيو ته عمران خان پنهنجي فيصلي تان به يوٽرن وٺندو، ناڪام ترين سياستدان آهي، حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ استعيفائن جو اعلان ڪيو آهي پر ان تان به يوٽرن وٺندو، کيس ڪجهه نه ورندو، ڪجهه ماڻهن وري اهو چيو ته عمران خان جو اهڙو اعلان سٺو فيصلو آهي، هن ملڪ کي رتوڇاڻ کان بچائڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو، جلد چونڊون ٿيڻ گهرجن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته وٺڻ بجاءِ ڏيڻو پئجي ويس عمران خان جي حالت خراب ٿي وئي آھي ھاڻي سندس ساک پھرين جھڙي ناھي رھي جنھن جو سبب سندس يوٽرن آھن عوام پھرين ئي سندس لانگ مارچ کي رد ڪري چڪو ھيو نه ته ھي ڪڏھن به پوئتي نه ھٽي ھا، عظمت لله ٻرڙو لکيو ته اسان ته پهريان ئي چيوسين ته عمران خان جو لانگ مارچ ٺس ٿي ويندو هي صرف اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڊرامو پيو ڪري جيڪو هڪ مهينو هليو سو به فلاپ ٿي ويو، عمران خان صاحب بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي سندس ٻاراڻين جي ڪري مونکي ان جو مستقبل اونداهو نظر اچي پيو سياسي تاريخ جو ناڪام ترين سياستدان ليکيو ويندو، سندس فيصلا جزباتي ۽ تڪڙا هوندا آهن ۽ عمران خان ليکڪ ئي سندس وڏي وڏا دشمن آهن، رضا ٻرڙو لکيو ته جيئن آيو هيو تيئن واپس ويندو، سيف الله پنهور لکيو ته عمران خان جو مطالبو جائز آھي ڏٺو وڃي ته گذريل چئن سالن کان قومي ايوان توڙي صوبائي ايوانن ۾ رڳو تماشو ٿيندو رهيو عمران خان جي حڪومت ناجائز طريقي سان ڪيرائي وئي جيڪڏهن معشيت ۽ جمهوريت کي بچائڻو آھي ته فوري طور تي نيون ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، محمد حنيف لکيو ته استعيفا ڏيڻ سان شايد حڪومت ۾ واپس اچي وڃي پهريان وانگر لوڙي لنگڙي حڪومت ڪري سگهي باقي ڪي پي ۽ پنجاب جي اسيمبلي ٽوڙڻ سان حڪومت اليڪشن ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته عمران سٺو فيصلو ڪيو آهي، عمران خان ملڪ کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيو آهي، عمران خان ايماندار ۽ سمجهدار سياستدان آهي، مراد علي لکيو ته  مون اڳ ۾ به لکيو هو ته عمران جو لانگ مارچ نه پر رانگ مارچ آهي ڪجهه ڪونه ورندس ساڳي ماني ساڳ سان ۽ استعفي ڪونه ڏيندو حڪومت کي بليڪ ميل پيو ڪري، عامر کوسو لکيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ ٺڳي تي مشتمل آھي عمران بلڪل ناڪام ٿي چڪو آھي باقي اسيمبلن مان استعيفا وارو بيانو به ڪوڙو نڪرندو، ذوالفقارعلي صديقاڻي لکيو ته مطالبو بلڪل جائز آھي۔پر جيڪي زوري ڪرسي سان چنبڙيا پيا آھن اهي جلدي استيعفائون ڪڏهن ڪونه ڏيندا، شهمير علي لکيو ته بهترين اعلان نه ته خون خرابو ٿي ھا، مختيار جمالي لکيو ته بُري طرح ناڪام ٿيل شخص آھي، سياست ۾ اصول ۽ فيصلا بنيادي حيثيت رکن ٿا، پر عمران خان پنهنجي ھر ھڪ ڪيل ڳالھه تان ڦري ويو، انڪري سنجيده ماڻھو ھن عمران جي غير سنجيدگي کي نوٽ ڪن پيا، امدادالله آرائين به سروي ۾ حصو ورتو، مسرور عالم لکيو ته عمران خان جو صحيح فيصلو آهي ڏينھن به ڏينھن معاشي حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن،موجودہ حڪمرانن کي گھرجي ته اليڪشن جي تاريخ ڏين جيئن ملڪ ۾ معاشي حالتون بھتر ٿين موجوده حڪومت ۾ مهانگائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، عوام جون نظريو نئين حڪومت ڏانھن آھن، عرفان علي ملاح لکيو ته عمران جون بيساکيون نڪري ويون هن کي هاڻي نئين سر اسٽبلشمينٽ سان سٺا لاڳاپا رکڻا پوندس، حبيب الرحمان صوفي لکيو ته بهترين فيصلو ، خون خرابي کان بهتر آ، استعيفائون ڏي ، نئين اليڪشن طرف وڌن. باقي کٽيندو ته اهو جنهن کي مالڪ چاهيندا، فضل الرحمان بگٽي لکيو ته عنقريب پنھنجي ان ڳالھه کان يوٽرن وٺندو استعفائون ڪونه ڏيندو، ايم صديق لغاري لکيو ته بليڪ ميلنگ پيو ڪري استيفا ڪونه ڏيندو، اي ڪي آچر لکيو ته سٺو فيصلو آهي، شنڪر لال لکيو ته عمران خان جو اعلان تمام بھترين عمل آهي…محمد موسيٰ کٽي لکيو ته عمران خان جو فيصلو بلڪل صحيح ۽ سٺو آهي، جان محمد لکيو ته ائين نه ڪرڻ گھرجي ھا اھو عمل انتھائي غلط آهي. ايوانن ۾ پنھنجو آواز مضبوط ڪري ها اھو بھتر ھو. روڊن تي سياست ناھي ٿيندي. بھترين مورچا ايوان آھن. اتي پنھنجو مضبوط موقف رکي ھا.  بلوچ دلبر علي لکيو ته عمران خان جو سٺو فيصلو آهي عمران خان ملڪ جون حالتون خراب ٿيڻ کان بچڻ لاءِ اهم قدم کنيو آهي، عمران خان ايماندار ۽ سمجهدار سياستدان آهي، امتياز جمالي لکيو ته ان اعلان کانپوءِ حڪمران پريشان آهي، عزيزالله شر لکيو ته بهترين اعلان آهي، جهانگير خان لکيو ته عمران جو سٺو فيصلو آهي، نعمت الله خان نهڙي لکيو ته بلڪل بهترين فيصلو آهي، هاڻ حڪومت وينٽيليٽر تي موجود آهي آڪسيجن ماسڪ عمران خان وٽ موجود آهي، وزير احمد وساڻو لکيو ته بهترين فيصلو ڪيو آھي عمران خان، احسان علي لغاري لکيو ته عمران خان خالي اسيبملي وارن کي ڊپ ٿو ڏي پاڻ وري چار سال ۾ ڇا ڪيو اٿس، محمد فياض وساڻ لکيو ته بهترين فيصلو ، خون خرابي کان بهتر آهي استعيفائون ڏي، نئين اليڪشن طرف وڌن. باقي کٽيندو ته عمران خان جو اعلان تمام بھترين عمل آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ھن جو مٿو خراب آھي ھن کي سبق سيکارڻ جي ضرورت آھي، شيراز احمد لکيو ته پاڪستان جو بيمار سياستدان آهي، عبدالصمد مري لکيو ته منهنجي خيال ۾ هاڻي عمران خان جي سياست پوري ٿي چڪي آهي جنهن جو واضع ثبوت اهو آهي ته وفاقي سرڪار کان استيفا وٺڻ لاءِ اسلام آباد ويندڙ عمران خان راولپنڊي مان پنهنجي پارٽي جون استيفائون ڏئي هليو ويو آھي. امتياز علي لکيو ته بهترين فيصلو آهي ، خون خرابي کان بهتر آهي استعيفائون ڏي، نئي اليڪشن طرف وڌن.شاهزيب ساند لکيو ته تمام سٺي سياستدان جي نشاني آهي، حافظ راڄپر لکيو ته عمران خان جواعلان تمام بهترين عمل آهي، نارائڻ داس لکاڻي لکيو ته ھڪ ٻيو يوٽرن آھي في لحال ماٺ ٿي ويو آھي، شاهه  محمد لکيو ته بھترين فيصلو آهي، شنڪر جمال گجو به عمران خان جي ان اعلان کي بهترين فيصلو قرار ڏنو، ڪاظم حسين لکيو ته عمران خان اليڪشن چاهي ٿو، پنهنجي ايندڙ اليڪشن لاءِ ووٽ ٺاهي رهيو آهي، بوهڙ فضل محمود به سروي ۾ حصو ورتو، سني ڪمار لکيو ته نه پريس ڪلب نه ڪٿي احتجاج۔گھر ويٺي ٽويٽر تي رڳو ري-ٽويٽ نه ڪرڻ واري عوام کي جلد از جلد پگھار کپي 25000 هزارن مٿي ڀرتيون ٿي چڪيون آھن پر ٽويٽر تي 100 ماڻھو به ناهن، علي حيدر لکيو ته عمران خان جي ان اعلان جو هاڻي ڪو به فائدو ناهي، ابو غلام مصطفيٰ لکيو ته سنڌين کانسواءِ باقي سڀ عمران خان سان گڏ آهن.محمد علي شيخ لکيو ته يوٽرن آهي.