صحافي اجي لالواڻي ڪيس: 5 ئي جوابدار رمانڊ تي جيل حوالي

0
373

سکر: سکر جي صحافي اجي لالواڻي جي قتل ڪيس ۾ عبوري چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت عبوري چالان منظور ڪندي 5 ئي جوابدارن کي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. قتل ڪيس ۾ 5 جوابدار اڪبر مڱريو، رضا شاهه، جميل شاهه، مصطفيٰ ميراڻي ۽ جانب ميراڻي گرفتار آهن، جڏهن ته عدالت حڪم ڪيو آهي ته چالان ۾ شامل وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.