شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ پوليس ڳجهي اطلاع تي شھر جي مسڻ محلي ۾ ڇاپو ھڻي بين الصوبائي موٽرسائيڪل ٽن چاٻي چورن محمد يعقوب ننداڻي، رسول بخش عمراڻي ۽ عبدالحميد جت کي گرفتار ڪري ورتو، اطلاعن موجب پوليس ڊيل ري ٻن چاٻي چورن محمد يعقوب ۽ رسول بخش عمراڻي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته رڳو ٽئين چاٻي چور عبدالحميد جت خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. ذريعن موجب گرفتار ڪيل ٽئين چاٻي چور کي پوليس ٿاڻي ۾ لاڪپ بدران اڻڄاتل جڳهه تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ سمير نور چنو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته چاٻي چورن کي ڇڏڻ جو نوٽيس ورتو آهي، ايس ايڇ او اختر ابڙو ۽ اي ايس آءِ ظھور پنھور خلاف جاچ ڪري سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.