حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ اوچتو ڪڻڪ جي قيمت ۾ اضافي بعد اٽي جا اگهه ٻيهر وڌي ويا آهن. کليل مارڪيٽ ۾ 100 ڪلو واري ٻوري تي 300 رپين جي واڌ بعد اٽي جو في ڪلو 5 رپيا وڌي ويو آهي. اٽي جون قيمتون وڌڻ بعد واهپيدار سخت ڏکيائين جو شڪار آهن. اٽو چڪي اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ هارون آرائين جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ جي خريداري جو اگهه في مڻ 2000 رپيا مقرر ڪيو هو جنهن تحت 100 ڪلو ٻوري جي قيمت 5 هزار رپيا مقرر ٿي هئي پر ٽن ڏينهن کان شهر ۾ قائم مارڪيٽن ۾ واپارين پاڻمرادو 100 ڪلو واري ٻوري تي 300 رپين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري هاڻي 5 هزار مان وڌي 5300 رپين جي ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جو اگهه وڌڻ کانپوءِ هول سيل توڙي ريزڪي دڪاندارن اٽي جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو آهي. ضلعي انتظاميا اٽي جو سرڪاري اگهه 60 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو هو پر ڪڻڪ جي قيمت وڌڻ کانپوءِ اٽي جي في ڪلو ۾ 5 رپين جي واڌ بعد اٽو 60 بدران 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهيو آهي. اٽي چڪي اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ موجب ڪڻڪ جي قيمت ۾ اضافي بابت انهن ضلعي انتظاميا کي آگاهي ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته اٽي چڪين جي ڪوٽا وڌائي وڃي ته جيئن شهري رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سرڪاري اگهه 60 رپيا في ڪلو جي حساب سان اٽي چڪين تان اٽو حاصل ڪري سگهن.