لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) اتر سنڌ جي وڏي چانڊڪا اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، نيفرولاجي وارڊ ۾ موٽر خراب، مريضن جي ڊائلاسز بند، سندن حالت خراب، وارثن جو احتجاج، خبر موجب چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي وارڊ ۾ موٽر خراب ٿيڻ سبب مريضن جي ڊائلاسز نه ٿي سگهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي مريضن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ سندن حياتي داءَ تي لڳل آهي، ان سلسلي ۾ مريضن جي وارثن محمد علي بروهي، طارق ڪورائي، قربان ابڙو، محمد يوسف جتوئي، يسار ابڙو ۽ ٻين احتجاج ڪري اسپتال انتطاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن دانهيندي چيو ته ڊائلاسسز وارڊ جو موٽر ٻن ڏينهن کان خراب آهي، جنهن سبب مريض تڙپي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان ٻين شهرن مان هتي پنهنجا مريض ڊائلاسسز ڪرائڻ لاءِ وٺي آيا آهيون پر موٽر خراب هئڻ سبب مشينون بند آهن، ڊائلاسز ڪرائيندڙ مريضن مسمات رضيا بروهي، شاهنواز ڪورائي، بدرالدين ابڙو، گل محمد جتوئي ۽ ٻين چيو ته اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جي مالڪي نه ٿي ٿئي، ايم ايس آفيس اچڻ بدران گهر ۾ آرام ڪري رهيو آهي، جنهن کي فون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر هو فون کڻڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته روزانو اهڙا ئي مسئلا ٿي رهيا آهن، ڪڏهن موٽر خراب آهي ته ڪڏهن پاڻي ناهي ته وري ڪڏهن ڊائلاسسز مشينون نه ٿيون هلن. ٻئي طرف نيفرولاجي وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر غلام عباس جو چوڻ هو ته موٽر خراب هجڻ جو اطلاع چانڊڪا اسپتالن جي اختيارين کي ڏنو آھي، اميد ته جلد مسئلو حل ٿي ويندو. ان سلسلي ۾ اي ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر گلزار تنيو ٻڌايو ته بجلي جي گهٽ وولٽيج سبب موٽر سڙڻ سان گڏ خراب ٿي وڃن ٿا، اهڙي آگاهي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ سيشن جج کي ڏني آھي، هن چيو ته موٽرن جي جلد مرمت ڪرائي مريضن جي ڊائلاسسز ڪئي ويندي.