نوشهروفيروز (رپورٽر) ابڙان ويجھو ڳوٺ نبي بخش انڙ واسي مقتول پوليس اهلڪار علي نواز انڙ جي بيواهه مسمات (ر) سندس معصوم پٽ ۽ منير انڙ، اويس انڙ، محمد اسماعيل انڙ ۽ ٻين سان گڏ ابڙان ٿاڻي جي ايس ايچ او شبير شر خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته علي نواز انڙ جيڪو پوليس کاتي ۾ بطور سپاهي ڪم ڪري رهيو هو جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ راهب انڙ، وسايو انڙ، دادن انڙ، رانجهن انڙ، شريف انڙ ۽ سليمان انڙ سري عام قتل ڪيو هو جنهن جي ايف آءِ آر ابڙان ٿاڻي تي درج ڪرائي آهي پر ان باوجود هفتي کان وڌيڪ ڏينهن گذري ويا آهن. پر پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ڪيو، هنن پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته قاتل ڌر کان ايس ايچ او رشوت وٺي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيو آهي ۽ جوابدار هاڻ اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بنظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته پنهنجي پٽي ڀائي پوليس اهلڪار علي نواز انڙ جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.