شھدادڪوٽ ۾ نينگري کي حراسان ڪندڙ جوابدار سوگهو

0
242

شھدادڪوٽ(ن پ ا) شھدادڪوٽ ۾ 11 سالن جي نينگري کي حراسان ۽ مبينا ڏاڍائي ڪرڻ جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار، تنيا محلي جي رھواسڻ 11 سالن جي نينگري دعا ڌي رضا محمد رتڙ سان نوجوان ثاقب ڪمبوھ پاران زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڇيڙ ڇاڙ ڪيو، اي سيڪشن ٿاڻي تي نينگري دعا رتڙ جي پي رضا محمد رتڙ جي فرياد تي جوابدار ثاقب ڪمبوھ مٿان واقعي جو ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته منهنجي ڌي دعا ڪمبوھ محلي مان دڪان تان گهر لاءِ سودو سامان وٺي اچي رھي ھئي ته گھٽي ۾ جوابدر ثاقب ڪمبوھ نياڻي سان زيادتي ڪرڻ جي ارادي سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ته منهنجي نياڻي دعا دانھون ۽ رڙيون ڪيون ته ايتري ۾ مان واقعي واري ھنڌ گھٽي ۾ پھتس ته جوابدار ثاقب ڪمبوھ مون کي ڏسي پنهنجي گهر اندر ھليو ويو، ھوڏانھن ڪيس داخل ٿيڻ بعد اي سيڪشن پوليس جوابدار ثاقب ڪمبوھ کي گرفتار ڪري ورتو آهي .