ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي جا راڱا جاري، ڀرياسٽي جي ڳوٺ دين محمد کرل ۾ ارڙي وگھي ھڪ 4 سالن جو ٻارڙو سميع الله کرل فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جي والد نواب کرل جو چوڻ آهي ته منھنجي معصوم پٽ کي سخت بخار ٿيو، ان بعد ارڙي جا داڻا نڪتا، مان ان جو علاج ڪنڊيارو مان ڪرايو جتي ڊاڪٽر پاران ارڙي ھجڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد ٻچڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سندن ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا بخار ۾ ورتل آھن انھن جي چڪاس ڪرائي وڃي، پر صحت کاتي پاران ڪي به اپاءُ نه وٺڻ تي ڪري رهواسي پريشانين جو شڪار آهن.