گهوٽڪي ڀرسان پوليس جو نجي ٽارچر سيل هجڻ جو انڪشاف

0
203
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ڀرسان پوليس جو نجي ٽارچر سيل هجڻ جو انڪشاف،5 ڄڻن کي پوليس هٿڪڙيون هڻي کٽن تي ويهاري ڇڏيو، ٽارچر سيل ۾ نصرالله ملڪ، منٺار مشوري،گل حسن مهر، راشد ڪوري ۽ شاهنواز ڀٽو قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، بانڌي بڻايل ميڊيا آڏو دانهون ڪيون ته 15 ڏينهن کان قادرپور پوليس وڏيري جي اوطاق تي باندي بڻائي رکيو آهي، ٽارچر سيل واري هنڌ موجود پوليس اهلڪار منهن لڪائيندا رهيا پر موقف نه ڏنو.