ڀارتي نوجوان جي وات جو آپريشن ڪري 82 ڏند ڪڍيا ويا!!

0
485

پٽنا: ڀارتي شهر پٽنا ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو جتي هڪ 17 سالن جي ڇوڪري جي وات مان 82 ڏندن جي خاتمي لاءِ ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن مطابق نتيش ڪمار نالي هڪ نوجوان گذريل 5 سالن کان ’اوڊونٽوما‘ نالي مرض ۾ مبتلا هو ، جيڪو ٽيومر جو هڪ قسم آهي جنهن ۾ ڏندن جي واڌ غير معمولي طور تي ٿيندي آهي. رپورٽن مطابق نيتش جي حالت سالن کان علاج نه ڪرائڻ سبب خراب ٿي پئي هئي جيڪا سرجري کانسواءِ ٺيڪ ٿيڻ ممڪن نه هئي. نيتيش جون هيٺيون ڄاڙيون عام ماڻحن کان مختلف هيون جيڪي هن جي چهري تي واضع هيون. اندرا گانڌي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊاڪٽر پريانڪا سنگهه چيو ته جڏهن نتيش اسان وٽ آيو ، ته معائني دوران خبر پئي ته هن کي اوڊونٽوما آهي، ڊاڪٽرن چيو ته ٻنهي ڄاڙين جو ٽن ڪلاڪن تائين آپريشن ڪيو ويو ۽ سندس وات مان اضافي 82 ڏند ڪڍيا ويا، هاڻي سندس صحت سڌرندڙ آهي.