شھدادپور ڀرسان هٿياربندن جو ڊاڪٽر کان ڦرلٽ

0
544

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ڊيوٽي تان موٽيندڙ ڊاڪٽر کي هٿياربندن يرغمال بڻائي کائنس ڦر لٽ ڪئي، مزاحمت تي پسٽل ۽ ڏنڊا هڻي کيس رتورت ڪري ڇڏيو، ملدسي روڊ تي ڳوٺ عبدالڪريم ٽالپر وٽ 3 هٿياربندن ڊيوٽي ڪري واپس موٽندڙ ڊاڪٽر مشتاق راهو کي يرغمال بڻائي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي کيس ڏنڊا ۽ پسٽل جا بٽي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، هٿياربند ڊاڪٽر کان موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ ڪاغذ ڦر ڪري فرار ٿي ويا.