چوٽياريون (ن پ ا) ڪجهه ڏينهن اڳ ٽنڊو ٺاخان ۾ ڳاها برادري جي 10 گهرن کي لڳل باھ سبب سڙي زخمي ٿيل 5 ورهين جي ٻارڙي شاهدان ڌيءَ مولا بخش ڳاهو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي، ٻارڙي جي فوتگي جي اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻي طرف ٻارڙي جي جنازي نماز ڳوٺ حسين ڳاهو ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اڳوڻي ايم اين اي پيربخش جوڻيجو جي فرزند بابر جوڻيجو، فقير ارباب راڄڙ، غلام قادر راڄڙ، خليفو صديق ڳاهو ۽ علائقي جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.