ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رٽائرڊ پروفيسر نگهت نسرين کي ڦر دوران قتل ڪندڙ جوابدار شاهد الرحمان گرفتار ٿي ويو پوليس موجب جوابدار 21 اپريل تي ڦورن ڦر دوران عورت پروفيسر نسرين نگهت ۽ سندس مڙس کي گوليون هنيون، نسرين اسپتال ۾ دم ڏنو هو.