نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ بٺ شاخ ۾ والدين آڏو بيدردي سان قتل ڪيل 22 سالن جي نازيا بروھي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار زاھد ڪوري کي پوليس باڊهه روڊ تان گرفتار ڪري ورتو آھي، ان ڏس ۾ جوابدار جو چوڻ آهي ته هن ناري کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو، جڏهن ته ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، هن ناري جو سڱ نه ملڻ تي کيس قتل ڪيو. هوڏانهن پوليس چيو آهي ته جوابدار ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي رهيو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.