مورو (ن پ ا) گذريل ڏينھن مورو شهر جي ٻانڌي وڊ وٽ پاڻ کي باھ ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ 35 سالن جي نوجوان علي احمد جتوئي ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو آهي، سندس لاش ايمبولنس ذريعي مورو ڀرسان ڳوٺ علي محمد جتوئي ۾ آندو ويو، لاش گھر پھچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو.