ڪرمپور (ن پ ا) پنهنجي اخبار جي خبر تي نوٽيس، ڪرمپور ۾ هلندڙ ڏاندن جي وڙ ۽ ڪڪڙن جي ميل پوليس بند ڪرائي ڇڏي. ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڏاندن جي ڊوڙ تي پري پري کان آيل خفتين پاران لکين رپين جون شرطون لڳائڻ ۽ جوا ڪرڻ بابت پنهنجي اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو، جنهن بعد ناپرڪوٽ پوليس ڏاندن جي گوءِ بند ڪرائي ڇڏي. ٻئي طرف ايس ايس پي ڪشمور ڪڪڙن جي ميل جو نوٽيس وٺندي اها پڻ بند ڪرائي ڇڏي آهي.