شھدادپور پوليس جي ڪارروائي، مائٽن وٽ قيد پرڻيل ناري بازياب

0
302

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پوليس جٽيا پاڙي ۾ ڇاپو هڻي مائٽن وٽ قيد پرڻيل ناري مومل گوپانگ کي بازياب ڪرائي کيس ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ناري مومل جو عدالت آڏو بيان ڏنو عبدالحڪيم چانڊيو سان شادي ٿيل آهي، مائٽن زبرستي پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي، عدالت سڳوري بيان بعد ناري کي مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لکپڙھ بعد ناري کي سندس مڙس حوالي ڪيو ويو، درخواسگذار عبدالحڪيم چانڊيو چيو ته 3 مهينا اڳ مومل سان شادي ڪئي، مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ ويل زال کي سندس مائٽن ناحق قيد ڪري ڇڏيو.