ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم سري لنڪا جي ٽيم کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ آئوٽ ڪلاس ڪندي 103 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. مشفق رحيم شاندار سينچري تي مين آف دي ميچ رهيو. بنگلاديش جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سڄي ٽيم 48.1 اوورن ۾ 246 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪپتان تميم اقبال 13، لٽن داس 25، شڪيب الحسن بنا رنس، مشفق الرحيم 125، مصدق حسين10، محمود الله رياض 41، عاطف حسين10، مهدي حسن ميراج بنا رنس، محمد سيف الدين 11، شريف الاسلام بنا رنس جي آئوٽ ٿيا. سري لنڪا جي چميرا ۽ سنداڪن 3-3، ادانا 2 ۽ هسارنگي هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ سري لنڪا جي ٽيم بنگلاديشي ٽيم جي شاندار بالنگ جو مقابلو ڪري نه سگهي ۽ سموري ٽيم 141 رنسن تي ڍير ٿي وئي. گوناٿلاڪا 24، نسانڪا 20 کانسواءِ ڪو رانديگر ڄمي نه سگهيو ۽ ٽيم 40 اوور ئي کيڏي سگهي. بنگلاديش جي مهدي حسن ميراز ۽ مستفيض الرحمان 3-3، شڪيب الحسن 2 ۽ شريف الاسلام هڪ وڪيٽ ورتي.