دوڙ (ن پ ا) نادر اعواڻ ڪرڪيٽ ڪلب پاران ٽورنامينٽ منعقد ڪرايو ويو. نديم اليون اختر لاشاري ڪلب کي هارائي فائنل پنهنجي نانءُ ڪري ورتو. دوڙ ڀرسان نادر اعواڻ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي علي حسن لاشاري نديم ۽ حاجي لغاري پاران ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ علائقي جي بهترين ٽيمن حصو ورتو. فائنل ميچ ۾ نديم اليون مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون اسڪور ڪيون جنهن جي مقابلي ۾ اختر اليون 52 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ٽورنامينٽ جي مهمان خاص عبدالجبار ڏاهري، چوڌري ظفر اقبال، دادن خان لاشاري، آفتاب احمد، ارسلان ظفر پاران فاتح ۽ رنراپ ٽيم جي ڪپتانن کي ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا. بهترين راند پيش ڪرڻ تي الهجڙيو مري، ناجي پرويز ڏاهري، ڪريم مري علي احمد لاشاري، رضا لغاري، آصف مري کي ٽرافيون ۽ ميڊل ڏنا ويا. ميچ ڏسڻ لاءِ آسپاس جي علائقي جا شوقين پڻ وڏي تعداد ۾ موجود هئا