شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ مبينا اغوا ڄاڻايل ناري 3 مهينن بعد پاڻمرادو ٿاڻي تي پهتي، پرڻو ڪرڻ جو بيان، مڙس حوالي، خبر موجب شھر جي ڏيٿا چوڪ پاڙي جي رهواسڻ مبينا اغوا ڄاڻايل ناري نائلا خاصخيلي پاڻمرادو ٿاڻي تي پهتي، پوليس ناري کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي 164 جي بيان لاءِ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري بيان ڏنو ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، سندس والد پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ناري موجب پنهنجي مرضي سان محمد حسن بروهي سان پسند پرڻو ڪيو آهي، مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي، ناري جي بيان بعد عدالت ناري کي مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.