ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) ڏوڪري جي ڳوٺ ڪڙيو شيخ مان برساتي پاڻي اڃان تائين نيڪال ناهي ٿي سگھيو. عبدالغني شيخ، يعقوب شيخ، نماڻو شيخ، گلان خاتون، سيما خاتون، هاجران خاتون دانهيندي چيو ته برسات بند ٿيڻ کي 2 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي پر ڪنهن به اسان جي مدد ناهي ڪئي، من پسند ماڻھن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏنا ويا آھن پر اسان جي ڪو ٻڌڻ وارو ئي ناهي خدارا اسان جي مدد ڪئي وڃي، اسان جا ننڍڙا معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن، ۽ پاڻي بيهڻ سبب ٻارڙن کي مختلف بيماريون وڪوڙي ويون آهن پر ڪو سار سنڀال لهڻ وارو ناهي، هنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا اسان جي مدد ڪئي وڃي.