ڀٽ شاهه ( ن پ ا) درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه لطيفي پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ايڪتا ڏهاڙي “ سنڌ سان درد جو رشتو”  جي آجيان ڪندي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان  ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻول ڪندي سيد خاور حسين شاهه لطيفي چيو ته هر سال جيان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي اعلانيل ايڪتا  ڏهاڙي جي اسين مڪمل حمايت ڪريون ٿا، سنڌ سان درد جو رشتو  بھترين عنوان ۽ فيصلو آهي، جنهن جي آجيان ڪريون ٿا، علي قاضي هميشه بهترين عنوان سان ڏهاڙو ملهايو آهي، هن دفعي سنڌ جي تڪليفن ۽ دردن کي سامهون رکي تمام بهتر عنوان ڏنو ويو آهي، هن چيو ته   درگاھ جي خادم ۽ ٻهاريدار جي حيثيت سان پنهنجي مريدن ۽ عقيدت مندن سان گڏجي ڏهاڙو سنڌ سان درد جو رشتو جي عنوان سان ملهائينداسين، هن جو وڌيڪ چيو ته   لطيف جي نگري ڀٽ شاھ ۾ اسين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سٿ سان گڏ هونداسين،