شڪارپور(رپورٽر)  سپاف سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي سمورن ضلعن جي عهديدارن جو گڏيل اجلاس شڪارپور ۾ امجد جلباڻي جي ميزباني هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي صدر منصور شاھاڻي، صوبائي جنرل سيڪريٽري لالا مراد خان پٺاڻ، لاڙڪاڻو ڊويزن صدر رضا مراد چاچڙ، سميت ٻنھي ڊويزنن جي عهديدارن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي،سپاف سنڌ جي صدر منصور شاھاڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي رھيل ضلعن ۽ تعلقن ۾ تنظيم سازي مڪمل ڪري يوم تاسيس جي عنوان سان سڄي اندر مڪمل طور پروگرام ڪيا ويندا،هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سپاف کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۽ يونيورسٽين ۾ ڀرپور نموني طور يوم تاسيس ملهايو ويندو ۽ ڊسمبر مھيني کي ايندڙ عام چونڊن جي مھيني طور ملھايو ويندو.پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس پارٽي اڳواڻ برسات متاثرين جي بحالي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن تنھن ڪري وڏو جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو آھي.