جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي دلمراد ٿاڻي جي حد بابل لاڙو وٽ موٽرسائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن رائيس مل جي واپاري پرديپ ڪمار جي منشي جانب ماڇي کان 20 لک ڦري ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو، جڏهن ته رائيس مل جي واپاري پرديپ ڪمار جي منشي کان ڦر جي اطلاع تي هندو پنچائت جو صدر لال چند سيتلاڻي، چيمبر آف ڪامرس جو صدر احمد علي بروهي سميت وڏي انگ ۾ واپاري دلمراد ٿاڻي تي پهتا ۽ واپاري کان ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري رقم هٿ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ان سلسلي ۾ رائيس مل جي مالڪ پرديپ ڪمار ٻڌايو ته منشي جيڪب آباد کان 20 لک کڻي ڪريم بخش کوسو مل تي اچي رهيو هو ته بابل ديرو وٽ بيٺل موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن ڦر ڪئي آهي.پوليس موجب ڦر واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم برآمد ڪرائبي. هوڏانهن رائيس مل جي واپاري پرديپ ڪمار جي منشي کان ڦر جي واقعي جو ڪيس دلمراد ٿاڻي تي منشي جانب ماڇي جي فرياد تي ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.