شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد صدر واري علائقي ۾ وياج کان تنگ ٿي ميڊيڪل ريپ نوجوان وسيم مسيح پاڻ کي باھ ڏئي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، ذريعن موجب وسيم مسيح ميڊيڪل ريپ ھو، قرض جي مامري تان جنھن جو جھيڙو حبيب مسيح نالي ھڪ شخص سان ٿيو جنھن ھن کي کي سوشل ميڊيا تي معافي وٺڻ لاءِ چيو پر نوجوان گھر پھچي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري پاڻ کي باھ ڏيئي ڇڏي جنھن بعد کيس آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ھو 90 سيڪڙو سڙي وڃڻ سبب فوت ٿي ويو. جنھن بعد اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ سندس مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو.