ڪراچي(اسپورٽس نيوز)انگلينڊ جي ٽيم 7 ٽي _20 ميچن جي سيريز جي پهرئين ميچ ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنز ٺاهيون. محمد رضوان 68، بابراعظم 31 ۽ افتخار احمد 28 رنز ٺاهي نمايان رهيا. انگلينڊ طرفان لڪ ووڊ 3، عادل راشد 2، سيم ڪيورن ۽ معين علي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. انگلينڊ 159 جي ٽارگيٽ پويان ويندي آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. انگلينڊ طرفان ايليڪس هيلس 53، هيري بروڪ 42 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستاني بالرن ۾ شاهنواز ڏاهاڻي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ ۽ عثمان قادر 2 وڪيٽون ورتيون.