شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا جي واقعن توڙي ڌاڙيل راڄ خلاف ريلي

0
415

شڪارپور (ن پ ا) شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا جي واقعن توڙي ڌاڙيل راڄ خلاف ريلي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻي ۾ خانپور مان نڪتل ريلي ڪرمپور پهتي، مغوي حفيظ بجاراڻي جا وارث به ريلي ۾ شامل ٿي ويا، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڌاريلن شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ تر تپائي ڇڏيو آهي، ٻنهي ضلعن جي پوليس مغوين کي ڇڏائڻ ۽ اغوا واقعن کي روڪڻ لاءِ حرڪت ۾ اچڻ بدران ٿاڻن تائين محدود آهي، شهرين کي ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، خانپور جي چئن مغوين ۽ ڪرمپور جي حفيظ بجاراڻي سوڌو 15 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل آهن، پوليس ڌاڙيلن آڏو بي وس بڻيل آهي ۽ چونڊيل نمائندن به خاموش تماشائي بڻيل آهن، سنڌ جي امن کي سازش تحت خراب ڪيو ويو آهي، امن ريلي ۾ شريڪ ماڻهن طرفان سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف بي رحماڻو آپريشن ڪرڻ ۽ مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.