ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ٽن ڏينهن تائين ڪاڙهي جي گرمي ٿيڻ جا امڪان

0
317
ڪراچي ۾ اڄ کان ٽن

ڪراچي )مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ٽن ڏينهن تائين ڪاڙهي جي گرمي ٿيڻ جا امڪان، موسميات کاتي ڪراچي واسين لاءِ هيوٽ ويوَ جو الرٽ جاري ڇڏيو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 15 کان 17 مئي تائين پارو 40 کان 42 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، شهرين کي غيرضروري طور گهرن مان نه نڪرڻ جي هدايت، ڪراچي ڀرسان ڏکڻ اوڀر طرف عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ويو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ ڪراچي کان 1650 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي آهي، اڄ رات جو اهو دٻاءُ ڊپريشن جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو، مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت، پي ڊي ايم اَي سامونڊي طوفان جِي اڳڪٿي بعد مهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪڻ جِي هدايت ڪري ڇڏي، ڪمشنر ڪراچي، ٺٽو ۽ سجاول جي ڊي سيز کي به خط اُماڻيا ويا، مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪڻ سوڌو اڳواٽ ٻيا اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي.