ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ڳوٺاڻو اسلم کوسو بازياب نه ٿيو

0
539

ڳڙهي حسن (ن پ ا) ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ڳوٺاڻو اسلم کوسو بازياب نه ٿيو، ڌاڙيلن طرفان مغوي جي وارثن کان 30 لک رُپيا ڀُنگ طلب، ڳوٺ بودلو کوسو واسي مغوي جي وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج، مظاهرين دانهيو آهي ته اسلم کوسو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، پر پوليس سندس بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، پوليس جي اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي مغوي کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.