شڪارپور جي اناج منڊي ڀرسان واپاري شنڪر لال گوليون هڻي قتل، مک جوابدار گرفتار

0
840

شڪارپور (ن پ ا)شڪارپور پوليس طرفان هندو واپاري شنڪر لال کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث مُک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، واپاري شنڪر لال جي وارثن، واپارين ۽ هندو برادري 5 ڪلاڪن بعد انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي ۽ اي ايس پي شڪارپور طرفان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، مقتول جي وارثن چتاءُ ڏنو آهي ته ٽن ڏينهن اندر وڌيڪ جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ٻيهر انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو، متاثرن طرفان واقعي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو به مطالبو، واپاري شنڪر لال کي صبح جو هٿياربند گولين جو کاڄ بڻائي فرار ٿي ويا هئا، ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مقتول واپاري جو گوپانگ برادري جي هڪ ڌُر سان پلاٽ تي تڪرار هلندڙ هو، مُک جوابدار احمد گوپانگ کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار تحويل ۾ ورتو ويو آهي، مُک جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ ڌرڻي جو ڪوبه جواز نه هو، پوليس موجب جوابدار احمد گوپانگ واپاري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو..