اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزارت جو قلمدان ملڻ کان اڳ ناڻي وزير شوڪت ترين جي وزير اعظم سان ٿيل ملاقات جا تفصيل سامهون اچي ويا، وزير اعظم عمران خان شوڪت ترين جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو، وزير اعظم عمران خان سان ناڻي وزير شوڪت ترين ٻه ڏينهن اڳ ٿيل ملاقات ڪئي هئي ذريعن مطابق ملاقات ۾ ناڻي جو اڳوڻو وزير حماد اظهر، معاشي مامرن جي ماهرن حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي نمائيندن به شرڪت ڪئي وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران شوڪت ترين کان معاشي بهتري جي حڪمت عملي بابت سوال به پڇيا ويا جڏهن ته شوڪت ترين کان نجي ٽي وي چينل تي ڏنل انٽرويو معاشي صورتحال تي ڪيل تبصري بابت به سوال ڪيا ويا جنهن تي وضاحت ڪندي شوڪت ترين چيو ته پروگرام جي گهٽ وقت ۾ مڪمل معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه نٿي ڪري سگهجي معاشي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ماضي جي حڪومتن طرف اشارو هيو، وزيراعظم عمران خان، شوڪت ترين جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته شوڪت کي 35 سالن کان سڃاڻان ٿو هو شوڪت خانم جي بورڊ آف گورنرس جو به حصو رهيو آھي، معاشي مامرن ۾ شوڪت ترين وڌيڪ استحڪام بهترين پلاننگ سان ڪم ڪندو، شوڪت ترين چيو ته 49 سالن جي معاشي تجربي جي بنياد تي چئي سگهان ٿو ته معاشي مسئلن جو حل رڳو ان ۾ آھي ته جي ڊي پي گروٿ گهٽ ۾ گهٽ 6 سيڪڙو کان 7 سيڪڙو تي آندي وڃي هن چيو ته گورنر اسٽيٽ بنڪ بهتر ڪم ڪيو ان کي عهدي تان هٽائڻ جو امڪان نه آھي.