ڪراچي (م ڊ ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٻيهر احتجاج شروع ٿي ويو، لاهور واقعي کانپوءِ ڪراچي جي ماڙي پور، لياقت آباد، اورنگي ٽائون، بلديا، نمائش چورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته شهر جي اهم رستن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.