ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري مذھبي عالم مفتي منيب اڄ سڄي ملڪ ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي، ڪالهه سندس سربراهي ۾ ڪراچي جي دارالعلوم امجديه۾ اهلسنت جي تنظيمن جو اجلاس ٿيو، جنهن بعد ڳالهائيندي مفتي منيب چيو ته پنجاب پوليس رنجيت سنگهه ۽ برطانوي سامراجي دور جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي هڻندڙ وفاقي حڪومت جو اقتدار هڪ ڏينهن ڪالعدم ٿي ويندو، هن اعلان ڪيو ته لاهور ۾ پوليس ڪاررواين خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ شٽر بند هڙتال ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪريون ٿا، ساڳئي وقت سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪراچي جي واپارين اڄ شهر جون مارڪيٽون ۽ ڪاروبار بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سٽي واپاري اتحاد جي صدر شرجيل گوپلاڻي جو چوڻ آهي ته عالمن جي اپيل تي اڄ ڪاروبار بند رکيو ويندو. ٻئي طرف جي يوآٰءِ جي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته متحده مجلس عمل جي پليٽ فارم تان لاهور واقعي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ هڙتال جي سڏ جي حمايت ڪريون ٿا، جڏهن ته جماعت اسلامي جي امير سراج الحق موجوده صورتحال تي عدالتي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هن چيو ته سموري سياسي ۽ مذهبي قيادت کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي.