ميهڙ: ٽن شهيدن جي قبرن تي پھچڻ وقت ام رباب چانڊيو اکين مان ڳوڙھا روڪي نه سگھي. ان موقعي تي جذباتي  ماحول  پيدا ٿي ويو. ام رباب چانڊيو سرداري نظام خلاف ڪتاب لکڻ جو وچن ورجائيندي چيو ته اڄ کان سرداري نظام خلاف ڪتاب لکي پبلش ڪرائي انساني حقن جي تنظيمين ۽ عوام کي ڏينديس جيئن سرداري نظام جي ظلم کان عوام آجو ٿئي.