پي ٽي آءِ طرفان جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڊرامو قرار

0
212
پي ٽي آءِ طرفان سنڌ ۾ مڪاني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا وزير کيسا کٽيندڙ آهن، ھنن جو اڄ کان نالو جيب ڪترا آهي ۽ ھنن جي سرپرستي بلاول زرداري ڪري پيو جن پنهنجي مئنيجر کي تربيت ڏني آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته آڊيٽر جنرل چي رپورٽ مطابق ھر کاتي ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آھي، بنا ٽينڊر جي ڪم ٿيا ۽ پي سي ون کانسواءِ به ڪم ڏنا ويا آهن

هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي خزاني جي کل لاهي ڇڏي، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته ڪيئن هنن ماڻهن جا کيسا ڪٽيا آهن، سنڌ حڪومت يونيورسٽي آف ڪرپشن جو چيئرمين آهي

هن چيو آهي ته آڊيٽر جنرل پنهنجي ڪتاب ۾ چيو آهي ته 956 ارب کان وڌيڪ ادارن ۾ گهوٻيون ٿيون آهن، وڌيڪ پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪروڙين رپين جا الائونس به ڏنا ويا آهن

خرم شير زمان چيو آهي ته هنن جي لاءِ فراڊ جو لفظ آڊيٽر جنرل استعمال ڪيو آهي، زراعت، ثقافت ۽ سياحت واري کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، توانائي واري وزير کي گذارش آهي ته آڊيٽر جنرل جو ڪتاب کولي پڙهي ته ڪيئن اربين روپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا

هن چيو آهي ته آڊيٽر جنرل جي ڪتاب ۾ مڪيش ڪمار تي شراب جي ٽيڪس جي حوالي سان اربين روپين جي گهوٻين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، مراد علي شاهه جي ناڻي واري کاتي ۾ اربين روپين جي گهوٻين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ تباهي جو ذميوار نااهل ۽ نا لائق وڏو وزيرمراد علي شاهه آهي

پي ٽي آئي جي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر خرم شيرزمان سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ کي تباهي کان بچائڻو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳايو وڃي، اها منهنجي ذاتي راءِ آهي ته صوبي ۾ ڇهن مهينن لاءِ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي

هن چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج تي ويٺل ڊرامو ڪري رهيا آهن، سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪندڙ پارٽي پيپلزپارٽي سان مليل آهن شام جو شهر مان ڪجهه ماڻهو آڻي احتجاج جو ڊرامو ڪن ٿا، اهڙن ماڻهن کي ڪراچي جا شهري سڃاڻي چڪا آهن