ميرواھ گورچاڻي (رپورٽ: مظهر گورچاڻي) ميرواھ گورچاڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب امڙ جي جهولي خالي ٿي وئي، ٻن ورهين جو معصوم ٻالڪ کليل گٽر نالي ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب  شهر جي گلزار مسجد چاندي پاڙي ۾ پورهيت نعيم راجپوت جو ٻن ورهين جو پٽ عفان راجپوت گهر آڏو راند ڪندي گٽر نالي ۾ ڪري پيو جنهن کي پاڙيسرين ڪڍي فورن ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر ميرواھ گورچاڻي پهچايو، جتي ڊاڪٽرن ٻالڪ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻالڪ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، ٻالڪ جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام درهم برهم آهي، موت مار گٽرن کي ڍڪڻ توڙي صفائي سٿرائي نه هجڻ جون ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير به نوٽيس نه پيو وٺي، هنن مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي ميرواھ گورچاڻي انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.