لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سڪندر کهاوڙ جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي مردن ۽ ٻارن سان گڏجي ايس ايس پي  چوڪ تي ڌرڻو هنيو،ڌرڻي دوران مقتول جي پيرسن امڙ نظيران کهاوڙ بيهوش ٿي وئي،ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ سهيل پنهنجي امڙ نظيران، ڀيڻ سارا خاتون سان گڏجي دانهيو ته سڱاوتي تڪرار تان عابد کهاوڙ، دمساز کهاوڙ، منظور کهاوڙ سڪندر کهاوڙ کي فائرنگ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو.هنن چيو ته رحمت پور پوليس جوابدار منظور کهاوڙ کي گرفتار ڪيو، ايس ايڇ او 10 لک رشوت وٺي منظور کهاوڙ کي آزاد ڪري ڇڏيو، خدشو آهي ته ڀاءُ جو خون لڙهي ويندو. هوڏانهن ايس ايڇ او رحمت پور ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري کين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ان تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري گهر روانا ٿي ويا. ايس ايڇ او رحمت پور رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته رشوت جا لڳايل الزام بي بنياد آهن عيوضي جوابدار منظور کهاوڙ پيرسن هجڻ سان گڏ ان طبيعت خراب هئي جنهن ڪري هن کي ڇڏيو آهي نه ئي هو قتل ڪيس ۾ گهربل آهي.